تاريخ اسلام

تاريخ اسلام (ڪتاب ):هن نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپيل هيٺين پنجن ڪتابن جو تفصيل ڏجي ٿو.
تاريخ اسلام1: مخدوم امير احمد صاحب جي لکيل، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 258 صفحا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آر. ايڇ. احمد ائنڊ سنز، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 1955ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڇاپو سال 1962ع ۾ ڇپيو، ان موضوع تي هي ڪتاب پڻ شايع ٿيا:
تاريخ اسلام2: ڪريم بخش چنا جي لکيل ڪتاب جي قيمت 2 رپيا 25 پئسا آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو نسيم برادرس، قرآن پريس حيدرآباد مان 1966ع ۾ ڇپيو، ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به ساڳئي سال، قرآن پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 140 صفحا آهن ۽ ان جي قميت ڏيڍ رپيو آهي.
تاريخ اسلام3: رشيد احمد لاشاريءَ جي لکيل ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڪرائون سائيز جي 250 صفحن تي مشتمل ايڊيوڪيشنل بُڪ ڊيپو حيدرآباد 1954ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو 1955ع ۾ شايع ڪيو.
تاريخ اسلام4: هي ڪتاب عبدالحسين موسويءَ جو لکيل آهي. سنڌ جي مشهور پبلشر آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ 1950ع ۾ شايع ڪيو.
تاريخ اسلام5: عليم خان جي لکيل ڪرائون سائيز جي 108 صفحن واري ڪتاب جي قيمت چار رپيا آهي، اُن جو ٻيو ڇاپو تاج محل پريس، حيدرآباد مان، سال 1957ع ۾ ڇپيو.
تاريخ اسلام6:هيءُ ڪتاب ع.ق شيخ جو سيرت النّبي ۽ خلافت راشده تي سوالن ۽ جوابن ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سوال به مصنف پاڻمرادو ڪيا آهن ۽ انهن جا مفصل ۽ تفصيلي جواب به ڏنا آهن. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ عربستان جي جاگرافي، حضور صلي الله عليه وسلم جو خاندان، پاڻ سڳورن جي ولادت، نبوت، تبليغ، جنگيون، هجرت جو احوال کان ويندي هن فاني دنيا مان دارالبقا وڃڻ تائين جو احوال ڏنل آهي ۽ ٻئي حصي ۾ خلافت راشديه يعني چئني خليفن جي خلافت انهن جي دور تي مواد شامل آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي نبوت کان پوءِ جيتريون به جنگيون ٿيون آهن، ويندي حضرت علي ڪرم الله وجهه تائين سڀني جنگين بابت سوال جواب ڪيل آهن. هي ڪتاب پڪي جلد ، ڪرائون سائيز ۾ 307 صفحن تي مشمل آهي. هي ڪتاب ايجوڪيشنل بڪ ڊيپو اسڪول روڊ، حيدرآباد، پاران 1955ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 3 رپيا 12 پئسا لکيل آهي.


لفظ تاريخ اسلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو